سعودي، آمريڪا ۽ چين طرفان گل پلازه سانحي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد: سعودي عرب، آمريڪا ۽ چين طرفان گل پلازه سانحي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. سعودي عرب متاثر خاندانن ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.
آمريڪي قونصل خاني چيو آهي ته آمريڪا فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جو شريڪ آهي. ريسڪيو ۽ فائر فائٽر اهلڪارن جي جرئت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
چيني قونصليٽ جنرل به گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. چيني قونصليٽ جنرل زخمين سان همدردي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

تبصرے بند ہیں۔