لاهور : فاسٽ بالر حارث رؤف کي آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويندو.ذريعن موجب، قومي ٽيم جي ڪوچ مائيڪ هيسن ايشيا ڪپ جي فائنل کان پوءِ حارث جي شموليت جي حق ۾ نه آهي.حارث رؤف ايشيا ڪپ کان پوءِ پاڪستان لاءِ ٽي 20 ميچ نه کيڏيو آهي.حارث هن وقت آسٽريليا ۾ بگ بيش ليگ کيڏي رهيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔