نيها پاران ڪم کان وقفو وٺڻ جو اعلان، ڪجهه منٽن بعد يو ٽرن

نئين دهلي:  ڀارتي ڳائڻي نيها ڪڪڙ اعلان ڪيو ته هوءَ پنهنجين ذميوارين، رشتن ۽ ڪم کان وقفو وٺي رهي آهي، پر هن ڪجهه منٽن بعد نوٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب، هن سومر تي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز تي مٿي ڏنل اعلان ڪيو. پر پوءِ ٿوري دير کان پوءِ ان کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو.ڀارتي رياست اتراکھنڊ جي 37 سالن جي ڳائڻي کي ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي گاني ڪينڊي شاپ لاءِ سخت تنقيد ۽ ٽرولنگ جو سامنا ٿيو، جنهن کان پوءِ هن اعلان ڪيو ته هوءَ ڪجهه وقت لاءِ وقفو وٺندي.پنهنجي پوسٽ ۾، نيها ڪڪڙ چيو ته هوءَ پنهنجي ذاتي ۽ پيشه ورانه زندگي ٻنهي کان وقفو وٺي رهي آهي، جنهن ۾ رشتا به شامل آهن. جڏهن ته هن اهو به اعتراف ڪيو ته هوءَ نٿي ڄاڻي ته هوءَ واپس ايندي يا نه.اهو ياد رکڻ گهرجي ته نيها پنهنجي ڀاءُ ٽوني ڪڪڙ سان گڏ ڪينڊي شاپ وارو ڳايو هو، جنهن کان پوءِ نيها کي ٽرولنگ جو سامنا ڪرڻو پيو، ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن مختلف پليٽ فارمن تي گاني تي تنقيد ڪئي ۽ ان کي سستو ۽ بي حيائي وارو ناچ قرار ڏنو. نيٽيزن اهو به الزام لڳايو ته ٻنهي ڪي-پاپ فنڪارن جي نقل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.

تبصرے بند ہیں۔