لاهور: دهشتگردي جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ(سي ٽي ڊي) پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪيون جنهن جي دوران ڀارتي ڳجهي ايجنسي جي ايجنٽ سميت 49 دهشتگردن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
اختيارين موجب ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي هڪ هفتي جي دوران مختلف آپريشن ڪيا ويا جن ۾ لاهور مان ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو ايجنٽ مجتبيٰ گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ڀارتي ايجنٽ جي قبضي مان بارودي مواد، هٿيار ۽ اهم سرڪاري، حساس عمارتن جا نقشا هٿ آيا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مواد ۽ خودڪش جيڪٽ ٺاهڻ جو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي. شروعاتي جاچ موجب دهشتگرد مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري عوام ۾ خوف ۽ حراس پکيڙڻ چاهيو ٿي.
سي ٽي ڊي اختيارين موجب هڪ مهيني جي دوران سموري صوبي ۾ 6 هزار 131 ڪومبنگ آپريشن ڪيا ويا جنهن جي دوران 5 سئو 99 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته 2 لک 43 هزار 546 ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي وئي.
اختيارين موجب اهي ڪارروايون لاهور، راولپنڊي، جهلم، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، حافظ آباد، چڪوال، گوجرانواله، ڊي جي خان ۽ فيصل آباد ۾ ڪيون ويون. سي ٽي ڊي دهشتگردي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي انٽيلجنس بيسڊ آپريشن وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
تبصرے بند ہیں۔