ڪراچي:پي آئي اي، برطانيا ۽ ڪئناڊا جي ريل ڪمپنين سان معاهدا ڪيا آهن، جنهن بعد انهن ملڪن ڏانهن ويندڙ مسافر پي آئي اي جي ساڳئي ٽڪيٽ تي هوائي ۽ ريل جو سفر ڪري سگهندا.
اهڙو اعلان پي آئي اي جر ترجمان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي قومي جهنڊي واري ايئرلائين جي مسافرن کي برطانيا ۽ ڪئناڊا لاءِ ريل سفر جون الڳ الڳ ٽڪيٽون وٺڻ جي ضرورت نه پوندي.
بيان موجب ڪئناڊا جي 8وڏن شهرن ۽ برطانيا جي 50 جي لڳ ڀڳ شهرن لاءِ مسافر پي آءِ اي جي آفيس، ويب سائيٽ، ايجنٽ يا ايپ ذريعي پنهنجي ريل جي ٽڪيٽ گڏوگڏ بڪ ڪري سگهندا.
تبصرے بند ہیں۔