واشنگٽن: ايپل هن سال جي آخر ۾ ايندڙ پنهنجي نئين سر ترتيب ڏنل ايپ سِري (سري) لاءِ گوگل جي جيمِني (جيمني) ماڊلز استعمال ڪندو، هڪ گهڻن سالن جي معاهدي تحت، جيڪو مصنوعي ذهانت جي دور ۾ ٻنهي ٽيڪنالاجي ديون جي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ۽ اوپن اي آءِ خلاف ڊوڙ ۾ الفابيٽ جي حيثيت کي هٿي ڏئي ٿو.
سومر ڏينهن اعلان ڪيل هي معاهدو گوگل لاءِ وڏي اعتماد جو اظهار سمجهيو وڃي ٿو. گوگل جي ٽيڪنالاجي اڳ ئي سام سنگ جي “گيليڪسي اي آءِ” جو وڏو حصو هلائي رهي آهي، پر سِري سان معاهدو ايپل جي ٻن ارب کان وڌيڪ فعال ڊوائيسز واري وڏي مارڪيٽ تائين پهچ تائن رسائي حاصل ڪندو.
گوگل چيو آهي ته “تفصيلي جائزي کان پوءِ، ايپل اهو فيصلو ڪيو ته گوگل جي اي آءِ ٽيڪنالاجي ايپل فائونڊيشن ماڊلز لاءِ سڀ کان وڌيڪ سگهارو بنياد مهيا ڪري ٿي”، ۽ وڌيڪ چيو ته انهن جا ماڊلز مستقبل ۾ ايندڙ ايپل انٽيليجنس جي ٻين فيچرز کي به طاقت ڏيندا.
الفابيٽ جيڪا گوگل جي مدر ڪمپني آهي، ايپل سان هن معاهدي لاءِ اوپن اي آءِ سان مقابلي ۾ رهي آهي، جڏهن ته ڊيل جا مالي تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا آهن.
آئي فون ٺاهيندڙ ڪمپني 2024 جي آخر ۾ چيٽ جي پي ٽي کي پنهنجن ڊوائيسز ۾ شامل ڪيو هو، جنهن سان سِري وائس اسسٽنٽ پيچيده سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ چيٽ بوٽ جي مهارتن مان فائدو وٺي سگهي ٿي.
ايپل چيو ته ان وقت چيٽ جي پي ٽي جي انٽيگريشن ۾ ڪا وڏي تبديلي ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته اوپن اي آءِ رائٽرز جي تبصري واري درخواست تي ڪو جواب نه ڏنو.
ٽيسلا جي سي اي او ايلان مسڪ سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ چيو: “هي گوگل لاءِ طاقت جو غير مناسب مرڪز لڳي ٿو، ڇو ته انهن وٽ اينڊرائيڊ ۽ ڪروم به آهن.”
مسڪ پنهنجي اي آءِ ڪمپني xAI قائم ڪئي آهي، جيڪا بنيادي ماڊلز تيار ڪري ۽ وڏي انفراسٽرڪچر تي اربين ڊالر خرچ ڪري ٻين وڏن رانديگرن سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
سومر ڏينهن ٿيل هي ڀائيواري اوپن اي آءِ ۽ ايپل جي شراڪت بابت به سوال اٿاري سگهي ٿي. جيمِني 3 جي جواب ۾، اوپن اي آءِ جي سي اي او سام آلٽمين گذريل سال پنهنجي ٽيمز کي ترقي تيز ڪرڻ لاءِ “ڪوڊ ريڊ” جاري ڪيو هو.
ايڪوسائٽس ريسرچ جي سي اي او پرتا تلسانيا چيو آهي ته: “سِري لاءِ گوگل جا جيمِني ماڊلز استعمال ڪرڻ جو ايپل جو فيصلو اوپن اي آءِ کي وڌيڪ سهائتا واري ڪردار ڏانهن ڌڪي ٿو، جڏهن ته چيٽ جي پي ٽي پيچيده ۽ اختياري سوالن لاءِ رهندو، بنيادي ذهانت واري ليئر طور نه.”
گوگل اوپن اي آءِ جي شروعاتي اڳڀرائي کي منهن ڏيڻ لاءِ فرنٽيئر ماڊلز، تصويري ۽ وڊيو جنريشن تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهيو آهي. ايپل کي اي آءِ جي ميدان ۾ دير سان اچڻ سبب ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ سِري جي اپگريڊ ۾ دير، اعليٰ سطح جي انتظامي تبديليون ۽ جنريٽو اي آءِ ٽولز جي شروعاتي رليز کي ٿڌو موٽ ملڻ شامل آهن.
هي تازو معاهدو سالن کان جاري ان ڀائيواري کي اڳتي وڌائي ٿو، جنهن تحت گوگل ايپل ڊوائيسز تي ڊيفالٽ سرچ انجڻ آهي. اهو هڪ نفعي بخش انتظام آهي، جيڪو گوگل لاءِ ٽريفڪ آڻي ٿو ۽ ايپل لاءِ هر سال ڏهه ارب ڊالر آمدني پيدا ڪري ٿو.
هن معاهدي جي خبر سومر ڏينهن الفابيٽ جي مارڪيٽ ويليويشن کي 4 ٽريلين ڊالر کان مٿي وٺي وئي. ڪمپني جا شيئر گذريل سال 65 سيڪڙو وڌيا، سيڙپڪارن جي اي آءِ ڪوششن بابت وڌندڙ اميدن سبب.
گوگل سومر ڏينهن چيو: “ايپل انٽيليجنس ايپل ڊوائيسز ۽ پرائيويٽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽ تي هلندي رهندي، جڏهن ته ايپل جي صنعت ۾ اڳواڻ رازداري معيارن کي برقرار رکندي”، رازداري بابت خدشن کي گهٽائڻ لاءِ آهي.
تبصرے بند ہیں۔