واشنگٽن: (اڱارو: 13 جنوري 2026ع) آمريڪا پنهنجي شهرين کي فوري طور تي ايران ڇڏڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ڇو ته سموري ملڪ ۾ جاري احتجاج روزاني شدت اختيار ڪري رهيا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ حالتون پرتشدد ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.
آمريڪي سفارتخاني جي وارننگ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايران ۾ احتجاجن سبب گرفتاريون، زخمي ٿيڻ، سيڪيورٽي قدمن، روڊ بند، ٽرانسپورٽ معطل ۽ انٽرنيٽ جي بندش جهڙيون حالتون آهن جنهن سبب آمريڪي شهرين جي سلامتي کي خطرا پيش آهن.
سفارتخاني مشورو ڏنو آهي ته آمريڪي شهري پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکڻ لاءِ زميني رستن ذريعي آرمينيا يا ترڪي جي رستي ايران ڇڏي ڏين. ان سان گڏ ئي اهو به چيو ويو آهي ته انٽرنيٽ جي بندش کي نظر ۾ رکندي رابطي جا متبادل انتظام بنايا وڃن.
ٻٽي شهريت رکندڙ آمريڪي ايراني شهرين کي به خبردار ڪيو ويو آهي ته ايران ٻٽي شهريت نٿو مڃي انهي لاءِ انهن کي پنهنجي ايراني پاسپورٽ سان ئي ايران ڇڏڻ گهرجي.
سفارتخاني وڌيڪ چيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي اڃان تائين ايران ۾ آهن اهي احتجاجن کان پري رهن. عوامي اجتماع ۾ شامل نه ٿين پنهنجو پاڻ کي محفوظ هنڌن تي رکن.
تبصرے بند ہیں۔