اسلام آباد: عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ به 16 جنوري کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب 16 جنوري کان پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 4 روپيه 59 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 4 روپيه 59 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 روپيه 70 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
گاسليٽ جي قيمت ۾ 1 روپيه 82 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 روپيه 8 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي. اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي لاءِ ورڪنگ مڪمل ڪري ورتي آهي.
اوگرا قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جي لاءِ 14 جنوري تي پيٽروليم ڊويزن ڏانهن سمري اماڻيندي. پيٽروليم ڊويزن طرفان ناڻي واري وزارت سان مشاورت کان پوءِ قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔