هاري ڪيلاش جي قتل ڪيس ۾ زميندار سرفراز نظاماڻي گرفتار

بدين : هاري ڪيلاش ڪولهي جي قتل ڪيس ۾ زميندار سرفراز نظاماڻي گرفتار، اڄ شام ايس ايس پي بدين پريس ڪانفرنس ڪندو تفصيل موجب، ڇهه ڏينهن اڳ بدين جي ڀرپاسي ڳوٺ ڊاهو ڪولهي ۾ بينڊي جي فصل گڏ ڪرڻ لاءِ جهوپڙي ٺاهڻ کان منع ڪرڻ تي زميندار سرفراز نظاماڻي ۽ هاري ڪيلاش ڪولهي وچ ۾ معمولي تلخ ڪلامي ٿي، جنهن دوران زميندار سرفراز نظاماڻي پنهنجي بندوق سان فائر ڪري هاري ڪيلاش ڪولهي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو هو جوابدارجي گرفتاري لاءِ مقتول ڪيلاش ڪولهي جي وارثن سميت ڪولهي برادري ۽ مختلف سياسي جماعتن پاران پهرين پيرولاشاري اسٽاپ تي بدين ـ حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، بعد ۾ پير چوڪ بدين تي لڳاتار ٽيهه ڪلاڪ ڌرڻو جاري رکيو ويو، جنهن سبب بدين، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٿر مٺي ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ سئوَن گاڏيون ڌرڻي ۾ ڦاسي ويون ٻئي پاسي، ايس ايس پي بدين سينيئر پوليس آفيسرن تي ٻڌل هڪ ٽيم جوڙي، جنهن انتهائي مهارت سان ملزم کي ٽريس ڪندي پنجاب صوبي جي علائقي ميانوالی ڀرسان زميندار سرفراز نظاماڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي ٽيم ۾ شامل پوليس آفيسرن جا نالا ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي، ٽيم ۾ شامل هڪ پوليس اهلڪار تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته ايس ايس پي بدين اڄ شام تائين پريس ڪانفرنس ڪري ملزم جي گرفتاري ۽ ڪيس جي تفصيل بابت صحافين کي آگاهي ڏيندو.

تبصرے بند ہیں۔