ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون

اسلام آباد:  سموري ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي شهرين کي وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي باوجود اٽي ۽ کنڊ جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي.

صرف هڪ هفتي جي دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽي جي قيمت ۾ 15 کان 20 روپيه جڏهن ته کنڊ 5 کان 10 روپيه في ڪلو تائين مهانگي ٿي چڪي آهي. مختلف شهرن کان مليل رپورٽن موجب هڪ هفتي جي دوران اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي قيمت وڌي 2750 روپيه ٿي وئي آهي، جڏهن ته في ڪلو کنڊ 152 روپين ۾ دستياب آهي. لاهور ۾ چڪي جو اٽو هڪ هفتي ۾ 10 روپيه في ڪلو مهانگو ٿي 170 روپيه في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. شهر ۾ في مڻ ڪڻڪ جي قيمت 4400 روپين مان وڌي 4900 روپيه ٿي وئي آهي. جڏهن ته 50 ڪلو کنڊ جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 200 روپيه اضافو ٿيو آهي. لاهور ۾ في ڪلو کنڊ 160 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

ڪراچي ۾ اٽو 140 کان 150 روپيه في ڪلو جي وچ ۾ دستياب آهي، جڏهن ته کنڊ جي قيمت 136 روپيه في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. پشاور ۾ اٽي جي 20 ڪلو جي ٿيلهي جي قيمت ۾ 500 روپيه اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ ٿيلهو 2750 روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. پشاور ۾ کنڊ جي سرڪاري قيمت 160 روپيه في ڪلو مقرر آهي پر مارڪيٽ ۾ کنڊ 175 روپيه في ڪلو ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. ڪوئٽه ۾ به هڪ هفتي جي دوران اٽو 15 روپيه ۽ کنڊ 5 روپيه في ڪلو مهانگا ٿي ويا آهن.

تبصرے بند ہیں۔