اروڙ يونيورسٽي سڄي پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

اسلام آباد: اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ، آرڪيٽيڪچر، ڊيزائن اينڊ هيريٽيج، سکر هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ايڇ اي ڊي پي منصوبي هيٺ MAKTAB (ERP، SLcM ۽ LMS–Blackboard) جي ڪامياب نفاذ عيوض ملڪ جي 25 يونيورسٽين مان پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
هي اعزاز هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب دوران ڏنو ويو، جنهن ۾ رٿا بندي، ترقي ۽ خاص اپائن واري وفاقي وزير احسن اقبال چوڌري مهمانِ خاص طور شرڪت ڪئي.
هن اروڙ يونيورسٽي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته يونيورسٽي پيپرليس ۽ ڊجيٽل طور مؤثر تعليمي نظام ڏانهن هڪ مثالي قدم کنيو آهي.
هي ڪاميابي اروڙ يونيورسٽي جي جدت، بهتر انتظام ۽ اعليٰ تعليمي معيار سان وابستگي جي عڪاسي ڪري ٿي.

تبصرے بند ہیں۔