قومي ٽي 20 اسڪواڊ جو ٻيو گروپ ڪولمبو پهچي ويو

ڪولمبو : پاڪستاني ٽيم جو ٻيو گروپ سريلنڪا خلاف 3 ميچن جي ٽي 20 سيريز کيڏڻ لاءِ ڪولمبو پهچي ويو آهي.ٻئي گروپ ۾ ڪپتان سلمان علي آغا، محمد نواز، صاحبزاده فرحان، عثمان خان، صائم ايوب، ابرار احمد، عبدالصمد ۽ خواجه نافي، گڏوگڏ بيٽنگ ڪوچ محمد حنيف ۽ سپورٽ اسٽاف جا ٻيا ميمبر شامل آهن.ڪپتان سلمان علي آغا اڄ مقامي وقت موجب شام 4 وڳي پريس ڪانفرنس ڪندو، جڏهن ته قومي ٽيم اڄ رات مقامي وقت موجب رات 8 وڳي مشق ڪندي.پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ سيريز 7 جنوري تي شروع ٿيندي.ياد رهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ پڻ ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم ڀارت نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته بنگلاديش آءِ پي ايل جي ٽيليڪاسٽ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

تبصرے بند ہیں۔