اسلام آباد : پاڪستان ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي ۽ علائقائي عدم استحڪام ۾ پنهنجي ڪردار تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هڪ بيان ۾، پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته خطي ۾ دهشتگردي کي فروغ ڏيڻ ۾ ڀارت جو ڪردار واضح آهي، ڀارتي الزام غير ذميوار آهن، ۽ اسان ڀارتي پرڏيهي وزير جي بيان کي رد ڪريون ٿا.هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو ڪيس پاڪستان خلاف رياستي سرپرستي واري دهشتگردي جي هڪ واضح مثال آهي، ۽ ڀارت خلاف ٻاهرين ملڪن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، تخريبڪاري ۽ دهشتگرد نيٽ ورڪ جي حمايت جا سنگين الزام آهن.هن چيو ته هندوتوا نظريو انتهاپسندي ۽ تشدد کي فروغ ڏئي ٿو، ۽ ڀارت جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي غير قانوني ۽ ظالمانه فوجي قبضو برقرار آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سنڌو پاڻي معاهدي جي هڪ طرفي خلاف ورزي خطي جي استحڪام کي نقصان پهچائيندي، ۽ پاڪستان سنڌو پاڻي معاهدي تحت پنهنجي جائز حقن جي حفاظت لاءِ سڀ ضروري قدم کڻندو.
تبصرے بند ہیں۔