ڪراچي هڪ وڏي دهشتگردي جي واقعي کان بچي ويو،سي ٽي ڊي

ڪراچي: سيڪيورٽي ادارن ڪراچي ۾ دهشتگردي جي هڪ وڏي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ چيو آهي ته ڪراچي هڪ وڏي دهشتگردي جي واقعي کان بچي ويو آهي.ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي اظفر مهيسر سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي ذوالفقار لاڙڪ چيو ته ڪراچي ۾ هڪ خطرناڪ دهشتگردي جي سازش جي منصوبابندي ٻاهرين ملڪ ڪئي وئي هئي.ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي اظفر مهيسر چيو ته واقعي ۾ ملوث 3 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دهشتگردن جو تعلق ڪمانڊر بشير بي ايل اي گروپ سان آهي. هن چيو ته دهشتگردن رئيس ڳوٺ ۾ ڌماڪيدار مادو لڪايو هو. هڪ ٽرڪ، 30 کان وڌيڪ وڏا ڊرم ۽ 5 سلنڈر قبضي ۾ ورتا ويا آهن.ڊي آءِ جي اظفر مهيسر چيو ته جوابدار ڪراچي ۾ هڪ وڏي دهشتگرد حملي جي منصوبابندي ڪئي هئي، ڌماڪيدار مادو مختلف رستن کان هتي آندو پيو وڃي ۽ گڏ ڪيو پيو وڃي.ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي وڌيڪ چيو ته 2000 ڪلوگرام کان وڌيڪ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو آهي جنهن کي ناڪاره بڻايو ويو آهي. دهشتگردن وٽ ڪمرشل ڌماڪيدار مادو پڻ هو.

تبصرے بند ہیں۔