اسلام آباد: نئين سال جو پهريون سُپر مون اڄ رات جو ٿيندو. پورو چنڊ آسمان تي معمول کان وڏو ۽ وڌيڪ چمڪدار نظر ايندو.
پاڪستان ۾ سپر مون جي شروعات شام 5 لڳي 51 منٽن تي ٿيندي. سپارڪو موجب سپر مون چنڊ جي مقابلي ۾ تقريبن 6 کان 7 سيڪڙو وڏو نظر ايندو.
اهو روايتي طور تي وولف مون چورائيندو آهي، فلڪياتي ماهرن موجب انهي جو سڀني کان خوبصورت منظر چنڊ جي طلوع ٿيڻ وقت رات جي شروعاتي حصي ۾ ڏسي سگهبو. اهو آڪٽوبر 2025ع ۾ شروع ٿيندڙ سپر مون سلسلي جو آخري سپر مون هوندو.
سائنسدانن موجب سپر مون انهي وقت ظاهر ٿيندو آهي جڏهن چنڊ زمين جي عام فاصلي جي مقابلي ۾ وڌيڪ ويجهو ايندو آهي. انهي حوالي سان چنڊ معمول کان وڌيڪ وڏو ۽ روشن نظر ايندو آهي.
تبصرے بند ہیں۔