واشنگٽن: آمريڪا وينزويلا جي راڄڌاني ڪاراڪاس ۽ ٻين ڪيترين رياستن تي فضائي حملا ڪري ڇڏيا آهن جنهن ۾ ملڪ جي اهم فوجي ٺڪاڻن ۽ دفاع واري وزارت کي به نشانو بنايو ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب صدر ڊونلڊ ٽرمپ وينزويلا تي حملن جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. راڄڌاني ڪاراڪاس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا، شهرين هيٺين فضا ۾ آمريڪي فوج هيليڪاپٽر سي ايڇ 47 چينوڪ کي به اڏامندي ڏٺو جنهن کان پوءِ آمريڪي ڌمڪين جي حوالي سان جنگ جا شڪ وڌي وڌي ويا آهن.
ڌماڪن کان پوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي، جڏهن ته آسمان تي دونهون اڏامندي ڏٺو ويو، ميڊيا ذريعن موجب آمريڪي حملي ۾ وينزويلا جي دفاع واري وزير ولاديمير پيڊرينو ٽوپيز جي گهر کي نشانو بنايو ويو آهي جنهن کان پوءِ دفاع واري وزير سان رابطو نه ٿي رهيو آهي.
وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو کي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي. وينزويلا جون بڪتربند گاڏيون صدارتي محل جي چوڌاري گشت ڪري رهيون آهن. وينزويلا جي صدر چوڻ آهي ته آمريڪا وينزويلا جي تيل ۽ معدنيات تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو پر انهي ۾ هو ناڪام ويندو.
ٻئي طرف آمريڪي ميرينز جي وينيزويلا جي اندر زميني ڪارروائي جون به اڻ تصديق ٿيل اطلاعون سامهون اچي رهيون آهن. وينزويلا جي صدر نيڪولس مادورو طرفان نيشنل ايمرجنسي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته اهو واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ وينزويلا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. خاص طور تي آمريڪا طرفان منشيات جي اسمگلنگ جي خلاف ڪارروايون ۽ وينزويلا تي دٻاءُ وڌو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔