ڪراچي: ڪراچي جي علائقي مائي ڪلاچي ڦاٽڪ جي ڀرسان چئن ڄڻن جا لاش ملڻ جي معاملي ۾ پوليس جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ مڪمل ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب ڊاڪس ٿاڻي جي حد مائي ڪلاچي روڊ ريلوي ڦاٽڪ جي ڀرسان نالي مان ملندڙ 4 لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه ڪراچي پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه ٻڌائي.
هن ٻڌايو ته فوت ٿي ويل ماڻهن ۾ 2 ننڍي عمر جا ڇوڪرا ۽ 2 عورتون شامل آهن. 13 کان 14 ورهين جي ڇوڪري جي مٿي، چهري ۽ ڳچي تي ڪيترائي زخم آهن، 10 ورهين جي ٻارڙي جو گلو ڪٽيو ويو، 14 مان 14 سالن جي ڇوڪري جي مٿي، چهري ۽ ڳچيءَ تي شديد زخم آهن جڏهن ته 40 ورهين جي عورت جي کوپڙي ۽ چهري تي شديد نوعيت جي زخمن جا نشان موجود آهن.
سمورين لاشن مان نشي آور شيون ۽ جنسي تشدد جي تصديق لاءِ لاشن مان حاصل ڪيل جزا ليبارٽري ڏانهن اماڻيا ويا آهن. موت جا حتمي سبب ليبارٽري رپورٽن کان پوءِ سامهون ايندا.
ايس ايڇ او نند لعل چيو آهي ته ملندڙ چئني لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سڃاڻپ جي حوالي سان ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ سمورين مسجدن ۾ جمعي جي رات ۽ ڇنڇر جي صبح اعلان ڪرايا ويا پر ائين لڳي ٿو ته فوت ٿي ويل ماڻهو ڪنهن ٻئي علائقي جا رهواسي آهن ڇو ته جيڪڏهن اسان جي علائقي جا هجن ها ته هينئر تائين انهن جي سڃاڻپ ٿي وئي ها. مقتولين کي اغوا کان پوءِ يا انهن جي پنهنجي گهر ۾ قتل ڪري لاش کي مذڪوره هنڌ تي ڪنهن گاڏي ۾ آڻي ڦٽو ڪيو ويو هجي.
هن ٻڌايو ته فوت ٿي ويل هڪ ئي خاندان جا لڳن ٿا پر هن وقت ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو ڇو ته سڃاڻپ کان پوءِ حقيقتون سامهون اينديون جڏهن ته سڃاڻپ کان پوءِ ئي جاچ ادارا جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهندا.
تبصرے بند ہیں۔