تهران: ايران ۾ ڪرنسي جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي ۽ وڌندڙ مهانگائي جي خلاف عوامي مظاهرا ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويا.
راڄڌاني تهران سميت مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو لاڳيتو جاري آهي. احتجاج جو اهو سلسلو دڪاندارن طرفان شروع ڪيو ويو هو جيڪي ڊالر جي مقابلي ۾ ايراني ڪرنسي جي قيمت ۾ رڪارڊ گهٽتائي تي ڪاوڙيل هئا.
مختلف هنڌن تي ايراني فورس ۽ مظاهرين ۾ ٿيل چڪرين ۾ هينئر تائين 6 مظاهرين ۽ هڪ پوليس اهلڪار جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن.
مظاهرين جي پٿراءُ جي نتيجي ۾ درجنين پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا آهن. مظاهرا تهران ۽ فارس کان علاوه مرودشت ۽ لردگان ۾ به ٿيا آهن. ڪيترن ئي صوبن ۾ اسڪول، يونيورسٽي ۽ سرڪاري ادارا بند ڪيا ويا آهن.
سڀني کان وڌيڪ چڪريون صوبي لورستان جي شهر رانا ۾ ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن اهو علائقو راڄڌاني تهران کان تقريبن 300 ڪلو ميٽر پري اوڀرين علائقي ۾ واقع آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ ادارن موجب تازا مظاهرا 2022 ۾ مهاسا اميني جي مبينه گرفتاري دوران فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ سڀني کان وڏا مظاهرا آهن.
ياد رهي ته آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران پرامن مظاهرين تي تشدد ڪيو ته آمريڪا انهن جي بچاءُ لاءِ اڳيان ايندو.
آمريڪي ڌمڪي تي ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي صلاحڪار علي لاريجاني چيو ته ايران جي احتجاج جي معاملي ۾ آمريڪي مداخلت خطي ۾ افراتفري پکيڙڻ جي برابر آهي. هن خبردار ڪيو ته ايران جي سلامتي طرف وڌندڙ هر مداخلت پسند هٿ کي ڪٽيو ويندو.
تبصرے بند ہیں۔