حڪومت طرفان نئين سال جي موقعي تي عوام لاءِ تحفو: پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:  حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جوا علان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 10 روپيه 28 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 253 روپيه 17 پئسا في ٿي وئي آهي.

پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) جي تجويز جي بنياد تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين ڪري ڇڏي آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ 9 روپيه 57 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي نئين قيمت 257 روپيه 8 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. نيون قيمتون ڪالهه رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿي ويون.

 

تبصرے بند ہیں۔