پلوامه حملو بي جي پي جي سازش هئي، پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايا ويا، ڀارتي سياستدان جو انڪشاف

نئين دهلي: ڀارتي سياستدان ۽ سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ سنتان پانڊي مودي سرڪار جي ڪوڙ جو پردو فاش ڪندي انڪشاف ڪيو ته پلوامه حملو بي جي جو ڪيل ڊرامو هو.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب سنتان پانڊي جو چوڻ هو ته 2019 ۾ پلوامه حملو غير ملڪي نه پر بي جي بي جي سازش جو حصو هو. بي جي پي ڪوڙ لڪائڻ لاءِ پلوامه جي سازش جو ڊرامو ڪيو.

هن چيو ته بي جي پي اڄ تائين نه ٻڌائي سگهي ته حملي ۾ استعمال ٿيل آر ڊي ايڪس ڪٿان کان آيو، بنا جاچ ۽ ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳائڻ مودي حڪومت جي عادت بڻجي وئي آهي.

سماج وادي پارٽي جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ممبئي ۽ پلوامه حملا سمجهوتا ايڪسپريس ۽ پهلگام جهڙي فالس فليگ آپريشن ڪيا ويا. اهڙا فالس فليگ آپريشن مودي حڪومت جي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو پراڻو طريقو آهي.

ياد رهي ته مودي سرڪار 2019 ۾ ٿيل پلوامه حملو ۽ پوءِ 2025 ۾ ٿيل پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳايو پر پاڪستان طرفان عالمي فورم تي ڀارت جي بي بنياد ۽ ڪوڙن الزامن جي نه صرف ترديد ڪئي وئي پر چيو ويو ته جيڪڏهن ڀارتي حڪومت شاهديون فراهم ڪري ته پاڪستان هر قسم جي تعاون لاءِ تيار آهي پر ڀارت جي هندو انتهاپسند سرڪار اڄ تائين انهن حملن بابت ڪوبه هڪ ثبوت فراهم نه ڪري سگهي آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔