پهرين جنوري کان پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد:   پهرين جنوري 2026 کان صارفين کي پيٽرول پمپن تي وڏو رليف ملڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

اختيارين عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.

سرڪاري ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 10.60 روپيه في ليٽر تائين گهٽتائي جو امڪان آهي جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 8.59 روپيه في ليٽر تائين گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي.

گاسليٽ 8.92 روپيه في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 6.62 روپيه في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.

جيڪڏهن حڪومت طرفان انهي تجويز جي منظوري ڏني وئي ته پيٽرول جي قيمت موجوده 263.45 روپين مان گهٽ ٿي تقريبن 252.85 روپيه في ليٽر ٿي ويندي. جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 265.65 روپين کان گهٽ ٿي 257.06 روپيه في ليٽر تائين اچي ويندي، گاسليٽ جي قيمت موجوده 180.54 روپين جي مقابلي ۾ 171.62 روپين جي اچڻ جي اميد آهي.

 

تبصرے بند ہیں۔