روبيو جو اماراتي هم منصب سان رابطو،غزهه صورتحال تي ڳالهيون

واشنگٽن:آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پنهنجي اماراتي هم منصب شيخ عبدالله سان رابطو ڪيو، ۽ ٻنهي اڳواڻن غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.مارڪو روبيو ۽ شيخ عبدالله يو اي اي ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي پڻ بحث ڪيو.ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو به سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان رابطو ڪري علائقائي صورتحال ۽ گڏيل مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

تبصرے بند ہیں۔