ملير کان شاهراهه فيصل تائين، ڊبل ڊيڪر بس سروس شروع

ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ وزير بلديات ناصر حسين شاهه ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بس سروس جو افتتاح ڪيو.
هن موقعي تي عملدارن ٻنهي وزيرن کي بسن جي خاصيتن بابت بريفنگ به ڏني، جڏهن ته شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان عوام سان ڊبل ڊيڪر بسن جو واعدو ڪيو هو، اهڙا منصوبه آڻي رهيا آهيون جن مان وڌ کان وڌ ماڻهن کي فائدو پهچي.
شرجيل ميمڻ موجب ڊبل ڊيڪر جو روٽ 22 ڪلوميٽر تي مشتمل آهي ۽ ان جو ڀاڙو 80 کان 120 رپيا هوندو. ڊبل ڊيڪر بس سروس ابتدائي طور ملير کان شارع فيصل تائين هلائي ويندي. ڪوشش آهي ته سڀني روٽن/سڙڪن تي ڊبل ڊيڪر بسون نظر اچن.
هن چيو ته بسن جي ڀاڙن ۾ سبسڊي پيا ڏيون، روزاني بنياد تي عوام لاءِ سهولتون وڌائي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته نئين سال ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جون سهولتون ڏنيون وڃن.
هن ٻڌايو ته پيپلز بس سروس ذريعي روزانو سوا لک ماڻهو سفر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته گرين لائن بس سروس تي 65 هزار ماڻهو سفر ڪن ٿا. ريڊ لائين بي آر ٽي تي ٻيهر ڪم شروع ٿي ويو آهي.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ڪراچي جي رستن لاءِ سڀ ماڻهو گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. صنعتي علائقن لاءِ 9 ارب رپين جو بجيٽ رکيو ويو آهي، جڏهن ته شاهراهه ڀٽو اسٽيٽ آف دي آرٽ منصوبي طور عوام کي تحفي ۾ ڏني وئي آهي.

تبصرے بند ہیں۔