دبئي: دبئي ۾ لگزري گاڏين جي خصوصي نمبر پليٽن جي مهانگي ترين نيلامي ٿي. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب گڏيل طور تي 10 ڪروڙ 90 لک درهم(8 ارب 28 ڪروڙ کان وڌيڪ پاڪستاني روپين) ۾ نمبر پليٽن جي نيلامي ٿي.
دبئي جي روڊ اينڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي اها 120هين اوپن نمبر پليٽن جي نيلامي ٿي جنهن ۾ سڀني کان مهانگي نمبر پليٽ 96 لک 60 هزار درهم يعني تقريبن 74 ڪروڙ پاڪستاني روپين ۾ وڪرو ٿي. جڏهن ته ٻئي نمبر پليٽ 80 لک درهم کان وڌيڪ يعني تقريبن 61 ڪروڙ پاڪستاني روپين ۾ وڪرو ٿي.
هڪ نمبر پليٽ 67 لک 40 هزار درهم يعني پاڪستاني روپين ۾ تقريبن 51 ڪروڙ ۾ وڪرو ٿي جڏهن ته هڪ نمبر پليٽ پاڪستاني روپين ۾ تقريبن 33 ڪروڙ روپين ۾ نيلام ڪئي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب نيلامي ۾ ٻن کان 5 نمبرن تي ٻڌل 90 خصوصي نمبر پليٽون نيلامي جي لاءِ پيش ڪيون ويون. اها هينئر تائين جي سڀني کان وڏي نمبر پليٽن جي نيلامي قرار ڏني پئي وڃي.
تبصرے بند ہیں۔