ڪوهيڙي سبب موٽر وي مختلف هنڌن کان ٽريفڪ لاءِ بند

لاهور: سخت ڪوهيڙي سبب مختلف هنڌن کان موٽر ويز ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن، جنهن جي ڪري حد نظر متاثر ٿي رهي آهي.موٽر وي پوليس سينٽرل ريجن جي ترجمان موجب، فيض پور کان جڙانوالا تائين موٽر وي ايم-3 ڪوهيڙي سبب بند آهي، جڏهن ته لاهور کان ڪوٽ مومن تائين موٽر وي ايم-2 وڏين گاڏين لاءِ بند آهي.ان کان علاوه، پنڊي ڀٽيان کان عبدالحڪيم تائين موٽر وي ايم-4 وڏين گاڏين لاءِ ۽ لاهور-سيالڪوٽ موٽر وي ايم-11 به ڪوهيڙي سبب بند ڪئي وئي آهي.موٽر وي پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽر ويز کي بند ڪرڻ جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت آهي، شهري ڏينهن جي روشني ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏين ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.ٻئي طرف، موٽر وي پوليس هدايت ڪئي آهي ته ڊرائيور فوگ لائيٽون استعمال ڪن، غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، تيز رفتاري نه ڪن، اڳيان گاڏي کان محفوظ فاصلو رکن ۽ رهنمائي ۽ مدد لاءِ هيلپ لائن 130 تي رابطو ڪن.

تبصرے بند ہیں۔