نئين سال جي موقعي تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان

اسلام آباد:  عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ کان پوءِ نئين سال جي موقعي تي پاڪستان ۾ به قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

پيٽرول جي في بيرل قيمت 75 ڊالر 5 سينٽ کان گهٽ ٿي 69 ڊالر 73 سينٽ تي اچي وئي آهي. عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي في بيرل قيمت ۾ 5 ڊالر 32 سينٽ جي گهٽتائي ٿي آهي. پيٽرول جي في ليٽر ايڪس ريفائنري قيمت 145 روپيه 66 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ايڪس ريفائنري قيمت ۾ 11 روپيه في ليٽر گهٽ ڏسڻ ۾ آئي آهي. 15 ڊسمبر تي پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 156 روپيه 66 پئسا هئي.

عالمي مارڪيٽ ۾ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 ڊالر 35 سينٽ جي گهٽتائي ٿي جنهن کان پوءِ في بيرل قيمت 84 ڊالر 27 سينٽ مان گهٽ ٿي 79 ڊالر 92 سينٽ جي سطح تي اچي وئي آهي.

ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت ۾ 9 روپيه 57 پئسن جي گهٽتائي  ٿي آهي. ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت 164 روپيه 92 پئسن مان گهٽ ٿي 155 روپيه 35 پئسن جي سطح تي اچي وئي آهي. اهڙي طرح پاڪستان ۾ نئين سال جي شروعات تي پيٽروليم شين جي عالمي قيمتن کي آڏو رکندي قيمتن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي پر انهي جو حتمي فيصلو پاڪستان جي حڪومت ڪندي.

تبصرے بند ہیں۔