ڀارت جي آبي جارحيت، چناب تي تڪراري پن بجلي گهر ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

نئين دهلي:  ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي والاريل، جمون ڪشمير ۾ چناب درياءَ تي دلهستي اسٽيج ٽو پن بجلي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ڀارتي اخبار دي هندو موجب اها اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن هلندڙ سال اپريل ۾ پهلگام ۾ ٿيل حملن کان پوءِ انڊيا پاڪستان سان ڏهاڪن کان پراڻي سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. هائيڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽس بابت ماهرين جي ڪميٽي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ منعقد پنهنجي 45هين اجلاس جي دوران انهي منصوبي جي منظوري ڏني.اجلاس جي ڪارروائي موجب ڪميٽي انهي ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته جيڪڏهن چناب درياءَ جي طاس جو پاڻي 1960 جي سنڌ طاس معاهدي جي تحت انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ورهايو ويو آهي ۽ انهي منصوبي جا شروعاتي ميٽرز به انهي معاهدي جي روشني ۾ طئي ڪيا ويا هئا پر هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي.پينل پنهنجي رپورٽ ۾ واضح طور تي ليو ته 23 اپريل 2025 کان سنڌ طاس معاهدو معطل آهي جنهن کان پوءِ هاڻ انڊيا انهي خطي ۾ پاڻي جي ذخيرن ۽ بجلي جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي.ياد رهي ته جيستائين سنڌ طاس معاهدو فعال هو، پاڪستان کي سنڌ، جهلم ۽ چناب جي دريائن تي حق حاصل هئا جڏهن ته انڊيا کي راوي، بيلس ۽ ستلج جي پاڻي جي استعمال جو حق ڏنو ويو هو.ڀارتي حڪومت چناب درياءَ تي دهستي سٽيج ٽو هائيڊرو پاور منصوبي جي حتمي منظوري ڏني جنهن تي پاڪستان کي سخت خدشا آهن اهو منصوبو ڀارت جي غيرقانوني قبضي ۾ موجود جمون، ڪشمير ۾ تعمير ڪيو ويندو ۽ انهي سان 260 ميگاواٽ تائين بجلي پيدا ڪرڻ جي اميد آهي. انهي منصوبي تي گڏيل لاڳت 3 هزار 277 ڪروڙ 45 لک ڀارتي روپيه خرچ ايندي، انهي تي عملي ڪم ايندڙ سال جي شروعات ۾ شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. انهي منصوبي کي ڀارت جي سرڪاري ڪميٽي ۽ ايڇ پي سي لميٽيڊ تيار ڪندي.ماهرن جو چوڻ آهي ته دلهستي سٽيج ٽو منصوبو پاڪستان جي لاءِ دفاعي ۽ تعميراتي لحاظ سان نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو ڇو ته چناب درياءَ پاڪستان جي حصي ۾ ايندڙ دريائن ۾ شامل آهي. انهي منصوبي جي تعمير سنڌ طاس معاهدن جي روح جي ابتڙ آهي، جنهن کي ڀارت تازو ئي هڪطرفي طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

تبصرے بند ہیں۔