نيو يارڪ: وينزويلا، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس دوران آمريڪا کي “وڏي ڀتا خور” قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا سامونڊي قزاقن کان به بدتر آهي.
گڏيل قومن ۾ وينزويلا جي سفير چيو ته واشنگٽن پاران وينزويلا جي ٻن تيل ٽينڪرن تي قبضي ڪرڻ وارو عمل “قزاقي کان به بدتر” آهي.
سلامتي ڪائونسل جو هي هنگامي اجلاس انهن ٽينڪرن جي قبضي بابت ڳالهه ٻولهه لاءِ سڏايو ويو، جيڪي هن مهيني جي شروعات ۾ وينزويلا جي سامونڊي ڪناري ڀرسان ضبط ڪيا ويا هئا.
آمريڪا اهو به چيو آهي ته هو وينزويلا جي ٽئين تيل ٽينڪر جي پٺيان به آهي. صدر ٽرمپ وينزويلا جي صدر نڪولس مادورو تي منشيات جي ڪارٽيل جي اڳواڻي ڪرڻ جو الزام هنيو آهي ۽ چيو آهي ته ڏوهاري ٽوليون گهڻي عرصي کان بي روڪ ٽوڪ ڪم ڪنديون رهيون آهن.
16 ڊسمبر تي ٽرمپ پابندي هيٺ آيل سڀني تيل ٽينڪرن لاءِ، جيڪي وينزويلا ۾ داخل ٿين يا نڪرن، سامونڊي گهيرو (نيول بلاڪيڊ) ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
آمريڪي صدر چيو آهي ته آمريڪا ضبط ڪيل خام تيل کي پاڻ وٽ رکندو يا وڪرو ڪندو، ۽ انهن جهازن سان به ساڳيو سلوڪ ڪيو ويندو.
گذريل مهينن دوران آمريڪا پيسفڪ ۽ ڪيريبين سمنڊن ۾ پنهنجي فوجي موجودگي وڌائي آهي، جتي 15 هزار فوجي، جهاز بردار سامونڊي ٻيڙو ۽ جنگي ٻيڙيون موڪليون ويون آهن.
اهو علائقي ۾ 1989ع ۾ پاناما تي آمريڪي حملي کان پوءِ سڀ کان وڏي فوجي تعيناتي آهي، جنهن جو ظاهر ڪيل مقصد آمريڪا ڏانهن فينٽانيل ۽ ڪوڪين جي اسمگلنگ کي روڪڻ آهي.
آمريڪا انهن ٻيڙين تي حملا به ڪيا آهن، جن بابت سندس چوڻ آهي ته اهي وينزويلا جون منشيات اسمگلنگ واريون ٻيڙيون آهن. انهن حملن ۾ 20 کان وڌيڪ جهازن کي نشانو بڻايو ويو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 100 ماڻهو مارجي چڪا آهن.
ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي حملا هٿياربند تڪرارن بابت قانونن جي ڀڃڪڙي ٿي سگهن ٿا. گڏيل قومن ۾ وينزويلا جي نمائندي چيو ته آمريڪا سندس ملڪ کي تاريخ جي “سڀ کان وڏي ڀتي خوري” جو نشانو بڻائي رهيو آهي.
اڱاري ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي، سموئيل مونڪاڊا چيو: “اسان اهڙي طاقت کي ڏسي رهيا آهيون، جيڪا عالمي قانون کان ٻاهر عمل ڪري ٿي، ۽ وينزويلا جي ماڻهن کان مطالبو ڪري ٿي ته هو پنهنجو ملڪ خالي ڪري ان کي حوالي ڪن.”
وينزويلا جي تيل تي آمريڪي قبضي بابت هن وڌيڪ چيو: “هي ڦرلٽ، لٽ مار ۽ وينزويلا جي ٻيهر نوآبادڪاري جي ڳالهه آهي. آمريڪي حڪومت کي ڪيريبين علائقي ۾ ڪو به اختيار حاصل ناهي.”
وينزويلا جي تيل واري صنعت بابت ڳالهائيندي هن سوال ڪيو ته:
“ان جو منشيات سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟” ان جي جواب ۾ گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير مائيڪل والٽز سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته آمريڪا مادورو کي وينزويلا جو جائز اڳواڻ نٿو مڃي.
والٽز چيو: “مادورو جي وينزويلا جو تيل وڪڻڻ جي صلاحيت سندس اقتدار بابت جعلي دعوائن ۽ سندس منشيات سان لاڳاپيل دهشتگرد سرگرمين کي هٿي ڏئي ٿي.”
ان دوران وينزويلا جي گادي واري شهر ڪراڪاس ۾ 17 ڊسمبر تي مادورو جا حامي آمريڪي بلاڪيڊ خلاف احتجاج ڪندي نظر آيا، جتي پلي ڪارڊن تي لکيل هو: “وينزويلا عزت جو مطالبو ڪري ٿو” ۽ “اسين ڪنهن جي به ڪالوني يعني نوآباد ناهيون.”
ڪراڪاس ۾ هڪ واپاري نمائش جي دوري دوران صدر مادورو چيو:
“سلامتي ڪائونسل وينزويلا جي حق ۾ ڀرپور حمايت ڪري رهي آهي.” روس ۽ چين آمريڪا تي ڏاڍ ۽ جارحيت جا الزام هنيا آهن.
گڏيل قومن ۾ روسي سفير واسيلي نيبينزيا چيو ته آمريڪا ڪيريبين سمنڊ ۾ شهري جهازن کي “غيرقانوني طور تباهه” ڪري رهيو آهي، ۽ خبردار ڪيو ته ايندڙ نشانو ٻيا ملڪ به ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته وينزويلا جي جهازن خلاف آمريڪي ڪارروايون “لاطيني آمريڪي ملڪن خلاف مستقبل ۾ زور آزمائي لاءِ هڪ نمونو” آهن.
ساڳئي وقت، گڏيل قومن ۾ چين جي نمائندي سن لي آمريڪا کان مطالبو ڪيو ته هو “فوري طور لاڳاپيل ڪارروايون روڪي ۽ وڌيڪ ڇڪتاڻ کان پاسو ڪري.”
تبصرے بند ہیں۔