قلات: سيڪيورٽي فورسز جو فتنته الهندستان خلاف آپريشن 8 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي:  قلات ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فتنته الهندستان جي خلاف آپريشن ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب 24 ڊسمبر تي سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڀارتي پراڪسي فتنته الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي موثر طريقي سان نشانو بنايو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ ڀارت جي حمايت يافته 8 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪري ڇڏيو.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي کان هٿيار، بارودي ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو. اهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگردانه ڪارروائين ۾ سرگرم طور ملوث رهيا هئا. علائقي ۾ ڪنهن به ٻئي ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشن جاري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب قومي ايڪشن پلان جي تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي مان منظور ٿيل ويزن(عزم استحڪام) موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پرڏيهي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردي جي خاتمي واري مهم جاري رکنداسين.

وزيراعظم شهباز شريف قلات ۾ فتنته الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي هن آپريشن ۾ 9 دهشتگردن جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. شهباز شريف چيو ته سموري قوم دهشتگردي جي خلاف  انهي جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ آهي، ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.

ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به دهشتگردن جي خلاف آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي  پيشه وارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز قلات ۾ ڪامياب ڪارروائي ڪري خوارجين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائي ڇڏيو.

محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۾ فتنته الهندستان کي ڪٿي به لڪڻ نه ڏنو ويندو. قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگردن جي مڪمل خامي تائين آپريشن جاري رهندا.

 

تبصرے بند ہیں۔