ڪراچي: ناميارو پاڻي جو ماهر ادريس راجپوت ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد سومر 22 ڊسمبر تي 84 سالن جي ڄمار ۾لاڏاڻو ڪري ويو. هو ڪافي مهينن کان ڪوما ۾ هو. ادريس راجپوت سنڌ جي ايريگيشن کاتي جو سيڪريٽري به رهيو ۽ رٽائرمينٽ بعد پاڻي جي معاملن تي ڪالم به لکندو رهيو ۽ سنڌ جو ڪيس تمام بهتر ۽ مدلل انداز ۾ وڙهندو رهيو. هن گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ پاڻي معاملن تي تحقيقي مضمون لکيا. سنڌ ۾ پاڻي جي معاملن تي هن کان وڌيڪ ڪنهن جو به ڪم ٿيل ناهي. ڪالاباغ جي کلي مخالفت ڪندو هو. اڄ سندس وڇوڙي تي سنڌ هڪ محسن کان محروم ٿي وئي. ادريس راجپوت 20 نومبر 1941 تي ڀارت جي گڙ گائون ۾ ڄائو ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد سندس وڏا لڏي آيا. سندس وڏا ان وقت جي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي قمبر شهدادڪوٽ ۾ آباد ٿيا. ابتدائي تعليم قمبر مان حاصل ڪرڻ بعد هن اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان ڊگري حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ڪراچي ۾ رهيا. سندس ويجهي ساٿي فضل الله قريشي سنڌيار کي ٻڌايو ته ويسٽ پاڪستان انجنيئرنگ سروس ۾ 1969 ۾ٽي سنڌ جا آفيسر ڪلاس ون ۾ سليڪٽ ٿيا جن ۾ ادريس راجپوت، علي گوهر شاهه ۽ عالم بلوچ شامل هئا، جيڪي ٽئي ايريگيشن جا سيڪريٽري رهيا. ادريس راجپوت سڄي ڪيريئر ۾ انتهائي ايماندار آفيسر طور مشهور رهيو. رٽائرمينٽ بعد هو 20 سال ڪنسلٽينسي ڪندو رهيو. سندس جنازي نماز مغرب کان اڳ ادا ڪرڻ بعد تدفين ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾ ڪئي وئي.
تبصرے بند ہیں۔