سنڌ ۾ 1018 ارب رپين جي ترقياتي منصوبن جي منظوري

ڪراچي:سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ 1,018 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ترجيح ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي، تعليم، صحت ۽ بهتر رابطا آهن.هن چيو ته ٻوڏ متاثر 1,600 اسڪولن جي تعمير لاءِ 340 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سکر ۾ 9 ڪيڊٽ ڪاليج ۽ هڪ وومين يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ هائوسنگ اسڪيمن تي ڪم جاري آهي.صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته توانائي جي شعبي ۾ سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ لاءِ 69.97 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ۽ گهوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل ۽ ڌاٻيجي انڊسٽريل زون تي پڻ ڪم جاري آهي.

تبصرے بند ہیں۔