عارف حبيب پي آءِ اي جي جهازن جو تعداد 38 مان وڌائي 65 ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  پاڪستان جي مشهور ڪاروباري شخصيت عارف حبيب پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز(پي آءِ اي) جي خريداري کان پوءِ اعلان ڪيو آهي ته ايئر لائن جي جهازن جو تعداد وڌائي 38 کان پوءِ 65 تائين کڻي وينداسين.

اسلام آباد ۾ پي آءِ اي جي ٻولي ۾ ڪاميابي کان پوءِ عارف حبيب صحافين سان ڳالهيون ڪندي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته حڪومت تمام گهڻي شفاف انداز ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ڪئي آهي پي آءِ اي جي ٻولي سان پاڪستان جي معيشت کي به فائدو ٿيندو.

هن چيو ته اڄ پاڪستان جي سوڀ ٿي آهي، ٻاهريان سرمائيڪار پاڪستان طرف ڌيان ڏيندا جنهن سان ملڪ ۾ وڌيڪ سرمائيڪاري کي هٿي ملندي. هن چيو ته پي آءِ اي اسان جو قومي ادارو آهي انهي تمام سٺا ڏينهن ڏٺا آهن دنيا جي نمبر 2 ايئر لائين رهي آهي. انهي جا سمورا ملازم باصلاحيت آهن، سٺو ڪم ڄاڻن ٿا ملازمن کي اسان ڀروسو ڏينداسين ۽ انهن جي مهارت جو پورو فائدو کڻنداسين.

عارف حبيب چيو ته پهرين مرحلي ۾ آپريشنل جهازن جو انگ 38 ڪنداسين پوءِ اهو تعداد وڌائي 65 تائين کڻي وينداسين. هن چيو ته ظاهر آهي ته جڏهن واڌ ڪنداسين ته وڌيڪ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ موجوده عملي ۽ تجربيڪار ماڻهن کي به سٺا موقعا ملندا.

 

تبصرے بند ہیں۔