فلوريڊا :آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي تعريف ڪئي صدر ٽرمپ جنگ جي سيڪريٽري ۽ بحري فوج جي سيڪريٽري سان گڏ فلوريڊا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هندستان-پاڪستان جنگ کي روڪڻ ۽ ان جنگ ۾ جهازن جي تباهي جو ذڪر ڪيو.آمريڪي صدر چيو ته هن دنيا ۾ هاڻي تائين اٺ جنگيون روڪيون آهن، جن ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ممڪن ايٽمي جنگ به شامل آهي. هن جنگ ۾ اٺ جهاز ڪيرايا ويا.ٽرمپ چيو ته پاڪستان جو فيلڊ مارشل هڪ معزز شخصيت آهي، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مون جنگ روڪي هڪ ڪروڙ ماڻهن جون جانيون بچايون.پريس ڪانفرنس دوران، آمريڪي صدر 100 ڀيرا وڌيڪ طاقتور ٽرمپ ڪلاس جهاز جي تعمير جو اعلان پڻ ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔