ڪرسمس ۽ نئون سال، اوپن مارڪيٽ مان ڊالر غائب

ڪراچي: ڪرسمس ۽ نئين سال جي موقعي تي اوپم مارڪيٽ ۾ ڊالرز جي وڏي کوٽ پيدا ٿي پئي آهي. اختيارين جي ڀرپور ڪوششن جي باوجود کليل مارڪيٽ ۾ ڊالرن جي شديد کوٽ برقرار آهي. ڪيترائي ڪرنسي ايڪسچينج “جيڪو خريد ڪن ٿا، صرف اهو ئي وڪڻن ٿا.” جنهن سبب موڪلن دوران يا نئين سال ۾ پرڏيهه وڃڻ جو ارادو رکندڙ ماڻهن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي آهي.
شهر جي مختلف علائقن ۾ موجود ڪيترن ئي ايڪسچينجز جي دوري دوران معلوم ٿيو ته ڪرنسي ڊيلرن جي اڪائونٽن ۾ ڊالرن جي سخت کوٽ آهي. ڪي ته ڊالر وڪڻڻ مڪمل طور بند ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ٻيا پنهنجي فراهمي کي محدود ڪري رهيا آهن ۽ گراهڪن کي هڪ وقت ۾ صرف 100 ڊالر تائين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهن.
ان کان علاوه، ڪجهه ايڪسچينجن وٽ صرف پراڻي ڊيزائن وارا ڊالر نوٽ موجود آهن. اهي نوٽ انهن مسافرن لاءِ گهڻو ڪارائتا ناهن، جيڪي پنهنجي منزل تي ڊالر مٽائي مقامي ڪرنسي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
نتيجي طور، ڪيترن ئي مسافرن کي پاڪستان ۾ ئي ٻيون پرڏيهي ڪرنسيون خريد ڪرڻيون پيون، جنهن سبب انهن کي مٽاسٽا جي شرح جي لحاظ کان “خراب سودو” ڪرڻو پيو.
هڪ ايڪسچينج ۾ ڪم ڪندڙ ملازم نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو ته حڪومت جي سخت ضابطن وارن قدمن صورتحال کي وڌيڪ پيچيده بڻايو آهي.
هن ٻڌايو ته هي کوٽ ڪرنسي مٽاسٽا بابت SOPs ۾ تازين تبديليَن سبب به پيدا ٿي آهي. اڳ ۾ بايو ميٽرڪ تصديق ۽ اصل سڃاڻپ ڪارڊ (CNIC) جي گهرج شامل ڪئي وئي هئي. جڏهن⁠تہ تازين تبديلين ۾ 14 نومبر جي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (SBP) جي سرڪلر موجب ايڪسچينج ڪمپنين کي انهن گراهڪن کي چيڪ جاري ڪرڻا پوندا، جيڪي پنهنجي پرڏيهي ڪرنسي اڪائونٽن ۾ جمع ڪرائڻ لاءِ ڊالر خريد ڪرڻ چاهين ٿا. هڪ وڌيڪ تازو سرڪلر هڪ ٻي تصديقي سطح به وڌائي ٿو، جيڪا نقاب پائيندڙ عورتن لاءِ آساني سان دستياب ناهي: جنهن موجب چهري جي سڃاڻپ لازمي آهي.
ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين ملڪ بوستان طلب ۽ فراهميءَ ۾ فرق کي تسليم ڪندي چيو ته جڏهن ڪا ڪرنسي دستياب نه هجي، ته ايڪسچينجن کي “گراهڪ جي ڄاڻ نوٽ ڪرڻ” گهرجي ۽ پوءِ انهن لاءِ انتظام ڪرڻ گهرجي.
ڊجيٽل ڪرنسيز جو اثر
ايڪسچينجن ۾ کوٽ هئڻ باوجود، ڊالر اڳ کان وڌيڪ آسانيءَ سان ڊجيٽل ڪرنسيز ذريعي دستياب ٿي رهيا آهن، جيڪي ڊالر سان ڳنڍيل هونديون آهن. اهري ڏيتي ليتي في الحال اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هدايتن موجب بئنڪن لاءِ منع ٿيل آهي.
پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري مير نجيب الرحمان چيو ته “جيستائين اسٽيٽ بئنڪ لاڳاپيل ضابطا ۽ نگرانيءَ جو فريم ورڪ جاري نٿي ڪري، تيستائين ڪا به بئنڪ عملي طور اسٽيبل ڪوائنز يا ڪرپٽو ريلز سان ڪم نٿي ڪري سگهي.” اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيندو جڏهن پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي (PVARA) پنهنجون تفصيلي هدايتون جاري ڪندي.
هڪ محطاط اندازي موجب پاڪستان ۾لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ ماڻهو ڪرپٽو استعمال ڪن ٿا ۽ تازو بِٽ ڪوائن جي قيمت گهٽجڻ سبب هو سخت نقصان ۾ويا آهن. حڪومتي ڪوششڻ سبب ڊالر جي سمگلنگ تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿيو آهي پر ذخيري جو رجحان وڌي رهيو آهي.

تبصرے بند ہیں۔