توشا خانه 2 ڪيس ۾ خان ۽ بشرا کي 17، 17 سال قيد جي سزا

اسلام آباد: ڇنڇرڏينهن هڪ خاص عدالت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي توشاخانا-2 ڪيس ۾ 17، 17 ورهين جي قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
هي ڪيس هڪ مهانگي بلغاري زيورن جي سيٽ جي خريداري سان لاڳاپيل آهي، جيڪو مئي 2021 ۾ سرڪاري دوري دوران سعودي ولي عهد طرفان عمران خان کي تحفي طور ڏنو ويو هو. جيڪو بعد تمام گهٽ قيمت تي خريد ڪيو ويو. ڪارروائي دوران استغاثه موقف اختيار ڪيو ته پي ٽي آءِ جي باني تقريبن 8 ڪروڙ رپين جي ماليت واري زيورن جي سيٽ کي صرف 29 لک رپيا ادا ڪري پاڻ وٽ رکيو.
فيصلو خاص عدالت جي جج شاهرخ ارجمند راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو، جتي عمران خان ۽ بشرا بي بي هن وقت قيد آهن.
عمران خان کي مجموعي طور 17 ورهين جي قيد جي سزا ڏني وئي؛ پاڪستان پينل ڪوڊ جي دفعي 34 (مشترڪ نيت) ۽ 409 (امانت ۾ خيانت) تحت 10 ورهين جي سخت قيد، جڏهن ته ڪرپشن جي روڪٿام واري قانون تحت دفعي 5(2) (سرڪاري عملدارن پاران ڏوهي بدانتظامي) هيٺ 7 ورهين جي سزا ٻڌائي وئي.
بشريٰ بي بي کي به ساڳين دفعات تحت مجموعي طور 17 ورهين جي قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ٻنهي تي 1 ڪروڙ 64 لک رپين جو ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو. قانون موجب، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ قيد ڪاٽڻو پوندو.
اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته هن ڪيس ۾ عمران خان جي قيد جي مدت 190 ملين پائونڊ واري ڪرپشن ڪيس واري سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيندي.
عدالتي حڪم۾ چيو ويو آهي ته: “هي عدالت سزا ٻڌائيندي عمران احمد خان نيازي جي وڏي عمر ۽ ان حقيقت کي به نظر ۾ رکيو آهي ته بشريٰ عمران خان عورت آهي. انهن ٻنهي عنصرن کي مدنظر رکندي گهٽ سزا ڏيڻ بابت نرم رويو اختيار ڪيو ويو آهي.”
فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته فوجداري ضابطه ڪارروائي (CrPC) جي دفعي 382-بي (حراست واري مدت کي قيد جي سزا ۾ شامل ڪرڻ) جو فائدو “ڏوهارين کي ڏنو وڃي ٿو”.
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي گذريل سال ڊسمبر ۾ هن ڪيس ۾ فردِ جرم لاڳو ڪئي وئي هئي. هن سال آڪٽوبر ۾ ٻنهي سڀني الزامن کي رد ڪندي چيو هو ته هي ڪيس ٺهيل ۽ سياسي مقصدن لاءِ تيار ڪيل آهي، جنهن جو مقصد عمران خان کي سياست کان نااهل قرار ڏيڻ آهي.
عمران خان آگسٽ 2023 کان قيد ۾ آهي ۽ 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ 14 ورهين جي سزا ڪاٽي رهيو آهي، جڏهن ته 9 مئي 2023 جي احتجاجن سان لاڳاپيل دهشتگردي روڪٿام واري قانون تحت به سندس خلاف ڪيس هلندڙ آهن. بشريٰ بي بي به 190ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ 7 ورهين جي سزا ڪاٽي رهي آهي.
پي ٽي آءِ جو فيصلي تي ردعمل
پي ٽي آءِ ايڪس (X) تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان جي ڪٽنب کي جيل اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، جتي هڪ “ڪينگرو عدالت” توشاخانا-2 ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.
پارٽي چيو: “بند دروازن پٺيان جيل ۾ هلندڙ مقدمو نه آزاد آهي نه ئي منصفانه؛ حقيقت ۾ اهو فوجي مقدمو آهي.” پي ٽي آءِ عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جي هڪ وڊيو به شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ ڪار ۾ ويهي پڇي رهي هئي ته کيس اڳتي وڃڻ جي اجازت ڇو نٿي ڏني وڃي.
وڊيو ۾ عليمه خان چيو: “اهي اسان کي روڪي نٿا سگهن. اڄ جيل ٽرائل آهي”، ۽ وڌيڪ چيو ته خاندان کي روڪڻ “غيرقانوني” آهي.
بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان فيصلي تي تنقيد ڪندي الزام لڳايو ته عمران خان خلاف فيصلا اڳ ئي لکيل اسڪرپٽ تحت ٻڌايا پيا وڃن. هن چيو: “رات جو به مون کي لڳو ته ڌند واري موسم جو فائدو وٺي فيصلو جلدي ٻڌائڻ چاهين ٿا”، ۽ فيصلي جي وقت تي سوال اٿاريا.
عليمه خان دعويٰ ڪئي ته ڪيسن پٺيان بيٺل ماڻهو “ذهين ناهن” ۽ هوءَ انهن جي اسڪرپٽ سمجهي نٿي سگهي. هن چيو: “فرق ڇا ٿو پوي ته توهان ڏهه سال ڏيو يا چوڏهن سال؟ اڳ ۾ ئي 14 سال ڏنا ويا آهن.”
هن وڌيڪ چيو: “اسان جي ۽ ماڻهن جي صبر جي حد ختم ٿي وئي آهي”، ۽ الزام لڳايو ته هر ڇهن مهينن بعد نئون فيصلو ٻڌائڻ جو منصوبو آهي. “پاڪستان جا ماڻهو هاڻي اهو ٿيڻ نه ڏيندا”، هن خبردار ڪيو.
عليمه خان موجب، عمران خان جي ڪٽنب کي گذريل ٻن مهينن کان اهڙي فيصلي جي اميد هئي. هن بشريٰ بي بي سان ڪيل سلوڪ جي قانوني حيثيت تي به سوال اٿاريو ۽ پڇيو ته کيس ڇو غيرقانوني اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو آهي.
الڳ بيان ۾، پي ٽي آءِ اڳواڻ سلمان اڪرم راجا چيو ته هي ڪيس پرومسري نوٽن جي بنياد تي هلايو پيو وڃي ۽ ان ۾ معتبر ثبوتن جي کوٽ آهي. هن چيو: “انهن وٽ ڪو به شاهد ناهي سواءِ ان شخص جي، جنهن کي پي ٽي آءِ جي باني پاڻ آندو.”
هن ڪيس کي بي معنيٰ ۽ ڪمزور ترين شاهدي تي ٻڌل قرار ڏنو. هن چيو: “ڪو ماڻهو اٿي چوي ٿو ته مٿس دٻاءُ وڌو ويو، ۽ توهان ان کي ثبوت مڃي وٺو ٿا.”
پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب به فيصلي جي مذمت ڪئي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري کي ڏنل سزائون “ڪينگرو عدالت” جون آهن. هن چيو: “پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني ناهي.”
وزير جو بيان: سزا لڳاتار هلندي
الڳ طور، اطلاعات واري وزير عطا الله تارڙ چيو ته ڇنڇر تي ٻڌايل سزا “لڳاتار سزا” آهي، جيڪا £190 ملين ڪرپشن ڪيس واري سزا پوري ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيندي.
جيو نيوز سان ڳالهائيندي، وزير فيصلي کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري تحفن جي گهٽ قيمت لڳرائي انهن کي ذاتي استعمال لاءِ رکڻ سان “فراڊ” ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس گهرواري جا عمل “عوامي اعتماد جي ڀڃڪڙي” آهن.
هن چيو: “مقدمي دوران جڏهن تحفن جي صحيح جاچ ڪئي وئي ته سامهون آيو ته اصل قيمت تمام گهڻي هئي.” هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي تحفن جي قيمت گهٽ ڏيکاري ذاتي فائدي لاءِ رکيا.
هن زور ڏنو: “انهن کي قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ۽ تحفا رکڻ جو ڪو حق نه هو.” هن فيصلي کي “مڪمل طور منصفانه ۽ انصاف جي اصولن تي ٻڌل” قرار ڏنو. هن چيو: “اختيار جو غلط استعمال، سرڪاري ملڪيت سان بي ايماني ۽ امانت ۾ ڏوهي خيانت ــ سڀ ڪجهه ثابت ٿي چڪو آهي.”

ک

تبصرے بند ہیں۔