عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالر جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 700 ملين ڊالر فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي. عالمي بينڪ طرفان منظوري پاڪستان پبلڪ ريسورسز فار انڪلورزو ڊوالپمينٽ پروگرام جي تحت ڏني وئي، منصوبو ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ عوامي خدمتن جي بهتري لاءِ آهي.

عالمي بينڪ موجب پروگرام جي تحت گڏيل طور تي 1.35 ارب ڊالر تائين فنانسنگ فراهم ڪئي ويندي. 600 ملين ڊالر وفاق ۽ 100 ملين ڊالر سنڌ لاءِ منظور ڪيا ويا آهن. فنڊز جي فراهمي اصلاحاتي حدفن کي حاصل ڪرڻ سان مشروط هوندي.

عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته منصوبو ٽيڪس نظام ۾ بهتري ۽ شفاف مالي نظم، ونسق تي ڌيان آهي، ڊيجيٽل ڊيٽا ۽ مالياتي نظام کي بهتر بنائي سروس ڊليوري ۾ بهتري جو حدف آهي.

پروگرام آءِ ايم ايف اسڪٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي سان هم آهنگ آهي. پروگرام جي تحت سنڌ ۾ صحت ۽ تعليم لاءِ وسيلن ۾ اضافي جو امڪان آهي. اصلاحات سان شفافيت ۽ عوامي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو.

تبصرے بند ہیں۔