ڪراچي: ڊفينس ۾ آن لائن فراڊ اسڪيمن ۾ ملوث ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) ۽ انٽيليجنس ايجنسين ڊفينس ۾ ڇاپو هنيو جتان آن لائن فراڊ اسڪيمن ۾ ڪم ڪندڙ 10 کان وڌيڪ پرڏيهين سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اين سي سي آءِ اي ۽ انٽيليجنس ايجنسين ڊفينس فيز 1 ۾ هڪ بنگلي ۽ فيز 6 ۾ هڪ عمارت ۾ آپريشن ڪيو.ذريعن موجب گرفتار ٿيل جوابدار پنهنجن آفيسن مان مختلف آن لائن فراڊ اسڪيمون هلائي رهيا هئا، جڏهن ته جوابدارن کان وڏي مقدار ۾ ڊيٽا پڻ هٿ ڪئي وئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔