ڀارت منظم طريقي سان معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پيو: اسحاق ڊار

اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت اپريل 2025 ۾ هڪ طرفي طور تي سنڌو پاڻي معاهدي کي معطل ڪيو، ۽ ڀارت منظم طريقي سان معاهدي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.اسلام آباد ۾ پرڏيهي سفارتڪارن کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرا آهن.اسحاق ڊار چيو ته ڀارت اڳواٽ اطلاع کانسواءِ چناب درياءَ ۾ پاڻي ڇڏيو، ڀارتي قدم بين الاقوامي قانون ۽ ويانا ڪنوينشن جي آرٽيڪل 26 جي خلاف ورزي آهي، پاڪستان انڊس واٽر ڪمشنر ذريعي باضابطه سفارتي ۽ قانوني چينلز اختيار ڪيا آهن.هن چيو ته چناب درياءَ جي وهڪري ۾ سال ۾ ٻه ڀيرا غير معمولي تبديليون رڪارڊ ڪيون ويون، 30 اپريل کان 21 مئي تائين ۽ 7 ڊسمبر کان 15 ڊسمبر 2025 تائين، پاڻي جي وهڪري ۾ سخت اتار چڙهاؤ آيا، ڀارت جو تازو قدم پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي واضح مثال آهي.پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي ڪارروايون پاڪستان جي خوراڪ جي سلامتي کي خطرو آهن، ۽ ڀارتي پاڻي جي ڪاررواين ۾ انساني بحران پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي.اسحاق ڊار چيو ته سنڌو پاڻي معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جو هڪ اهم ذريعو آهي، ڀارت هائيڊروولوجيڪل ڊيٽا ۽ گڏيل نگراني جي عمل کي روڪيو آهي، تڪرار جي حل کان ڀارت جو پاسو ڪرڻ بين الاقوامي قانونن جي نفي آهي.هن چيو ته ڀارتي گهرو وزير معاهدي کي بحال نه ڪرڻ ۽ پاڻي جو رخ موڙڻ جو اعلان ڪيو، ڀارتي ڪارروايون پاڪستان جي سلامتي، معيشت ۽ ماڻهن جي زندگين لاءِ خطرو آهن.

تبصرے بند ہیں۔