راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير لبيا جي هٿياربند فوج جي سربراهه سان اهم ملاقات ڪئي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز(ملٽري) ۽ هلال جرئت، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس اسٽاف هن وقت سرڪاري دوري تي ليبيا ۾ موجود آهي. جتي هن لبيائي عرب هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف فيلڊ مارشل خليفه بلقاسم حفتر سان ملاقات ڪئي آهي.
انهي اهم ملاقات ۾ لبيائي عرب هٿياربند فوج جي ڊپٽي ڪمانڊر انچيف ليفٽيننٽ جنرل صدام خليفه حفتر به موجود هو. آءِ ايس پي آر موجب ليبيا پهچڻ تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي لبيائي هٿياربند فوج جي دستي طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. انهي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عسڪري اختيارين جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات جي دوران علاقائي سيڪيورٽي صورتحال، خطي ۾ پيش ايندڙ چيلنجز ۽ ٻطرفي دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. ڌرين تربيت، صلاحيت ۾ اضافي ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارن شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي زور ڏنو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گڏيل مفادن جي بنياد تي پاڪستان ۽ ليبيا جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي تعاون کي هٿي ڏيڻ اهم قرار ڏنو. فيلڊ مارشل خليفه حفتر پاڪستان جي هٿياربندفوج جي پيشوارانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي ۽ پاڪستان سان دفاعي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔