حڪومت اين ايف سي جا 7 ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيا

اسلام آباد: يارهين اين ايف سي ايوارڊ بابت اهم پيش رفت سامهون آئي آهي، حڪومت 7 اهم ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون آهن.
ذريعن ٻڌايو ته صوبائي دائري اختيار وارن خرچن بابت سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جي سربراهي پنجاب جو وزيرِ خزانه ڪندو، جڏهن ته مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ جي تناسب بابت قائم ڪيل ورڪنگ گروپ جي سربراهي بلوچستان جي وزيرِ خزانه حوالي ڪئي وئي آهي.
وفاقي حڪومت قومي قرضن جي جوڙجڪ ۽ استعمال بابت به هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو آهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا جي وزيرِ خزانه جي سربراهي ۾ ٽيڪس ٽو جي ڊي پي تناسب بهتر بڻائڻ لاءِ به ورڪنگ گروپ ٺاهيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت صوبن ڏانهن وسيلن جي سڌي منتقلي بابت به ورڪنگ گروپ قائم ڪيو آهي، جنهن جي سربراهي سنڌ جو وزيرِ خزانه ڪندو.
ان کان علاوه، وفاقي وزيرِ خزانه محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ قابلِ تقسيم پول بابت ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڳوڻي فاٽا جي انضمام ۽ اين ايف سي شيئر بابت ستون ورڪنگ گروپ پڻ ٺاهيو ويو آهي.
يارهين اين ايف سي ايوارڊ بابت پهريون اجلاس 4 ڊسمبر تي ٿيو هو، جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن مختلف ورڪنگ گروپس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. اهي ورڪنگ گروپس پنهنجي دائري اختيار اندر معاملن بابت سفارشون تيار ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اين ايف سي بابت ٻيو اجلاس ايندڙ مهيني جنوري جي وچ تائين متوقع آهي.

تبصرے بند ہیں۔