ڪراچي: جعلي نمبر پليٽون لڳائيندڙ ڏوهاري آهن، انهن کي جيل اماڻڻ گهرجي: ڊي آءِ جي ٽريفڪ

ڪراچي:  ڊي آءِ جي ٽريفڪ پوليس ڪراچي پير محمد شاهه چيو آهي ته جعلي نمبر پليٽون لڳائيندڙ ڏوهاري آهن انهن کي جيل اماڻڻ گهرجي.

نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي ڊي آءِ جي ٽريفڪ پوليس اي چالان جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي دعوي2 ڪئي ته اي چالان شروع ٿيڻ کان پوءِ حادثن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته جڏهن کان اي چالان شرع ٿيا آهن تڏهن کان عوام گاڏين جون جعلي نمبر پليٽون لڳايون آهن، جعلي نمبر پليٽن ۽ جن گاڏين جي پليٽس جو نمبر لڪيل آهي انهن تي به ڏنڊ لاڳو ٿيندو.

پير محمد شاهه وڌيڪ چيو ته سموري دنيا ۾ حادثا ٿيندا آهن ائين نٿو ٿي سگهي ته انهي سسٽم جي نه اچڻ سان حادثا نه ٿيندا جعلي نمبر پليٽن وارا ڏوهاي آهن انهن کي جيل اماڻڻ گهرجي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو به شهر ۾ جعلي نمبر پليٽن جي خلاف وڏي پيماني تي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. سي پي ايل سي چيف ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم چيو ته جڏهن کان اي چالان شروع ٿيا آهن. ٽريفڪ جي نظام ۾ بهتري آئي آهي ۽ هينئر تائين تقريبن هڪ لک چالان ٿي چڪا آهن.

 

تبصرے بند ہیں۔