پاڪستان جو عظيم رانديگر جاويد ميانداد دل جي تڪليف سبب اسپتال پهچي ويو

ڪراچي:  پاڪستان جو عظيم ۽ مشهور رانديگر جاويد ميانداد دل جي تڪليف سبب اسپتال پهچي ويو. ميڊيا جي رپورٽ موجب جاويد ميانداد کي دل جي تڪليف سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن سندس معائنو ڪيو  جنهن کان پوءِ کيس گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

رپورٽ موجب اڳوڻو ٽيسٽ ڪپتان ڪراچي جي اسپتال ۾ پهتو جتي ڊاڪٽرن انهي جا ضروري ٽيسٽ ڪرڻ کان پوءِ اينجيو گرافي ڪئي ۽ رپورٽ جي مشاهدي کان پوءِ انهي کي صحتمند قرار ڏئي ڇڏيو.

ٻئي طرف جاويد ميانداد اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڏنل سهوليتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.آهي. گهر روانو ٿيڻ کان اڳ جاويد ميانداد چيو ته مان تمام گهڻو بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان الله جو ڪرم ۽ قوم جون دعائون رهيون ته طبيعت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.

 

تبصرے بند ہیں۔