سڊني حملي جي جوابدار تي 59 ڏوهن جي الزامن جو ڪيس داخل

سڊني:اربع تي نيو سائوٿ ويلز پوليس چيو آهي ته شهر جي مشهور بونڊي بيچ تي يهودي انوڪا جي تقريب دوران مبينا طور فائرنگ ڪندڙ هڪ شخص تي قتل ۽ دهشتگردي سميت 59 ڏوهن جا الزام لاڳو ڪيا ويا آهن.
ڀارتي شهري 50 سالن جي ساجد اڪرم ۽ آسٽريليا ۾ ڄاول سندس پٽ 24 سالن جي نويد اڪرم آچر ڏينهن بونڊي بيچ تي ٿيندڙ تقريب تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو مارجي ويا۔ هن حملي سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو ۽ وڌندڙ يهودي دشمن جذبات (اينٽي سيماٽزم) ۽ پرتشدد انتهاپسندي بابت خدشن کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو۔
50 ورهين جو ساجد اڪرم واقعي واري هنڌ تي پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جڏهن⁠ته سندس 24 ورهين جو پٽ نويد اڪرم، جيڪو به پوليس جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيو هو، اڱاري ڏينهن منجهند جو ڪوما مان ٻاهر نڪري آيو۔ اڱاري ڏينهن اهو به سامهون آيو ته ساجد اڪرم اصل ۾ ڀارت جي شهر حيدرآباد جو رهواسي هو، ۽ پوليس موجب سندس خاندان کي سندس “انتهاپسند ذهنيت” بابت ڪا ڄاڻ نه هئي۔
نيو سائوٿ ويلز پوليس اربع ڏينهن ٻڌايو ته هڪ شخص تي 59 ڏوهن جا الزام هنيا ويا آهن، جن ۾ 15 قتل جا ڪيس، قتل جي ارادي سان زخمي ڪرڻ جا 40 قلم لاڳو ڪيا ويا آهن. جن ۾دهشتگردي جو هڪ ڪيس ۽ ٻيا الزام به شامل آهن.
پوليس بيان ۾ چيو، “عدالت ۾ الزام هنيو ويندو ته هن شخص مذهبي مقصد کي اڳتي وڌائڻ ۽ سماج ۾ خوف پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم کنيا، جن جي نتيجي ۾ موت، سخت زخمي ٿيڻ ۽ ماڻهن جي زندگين کي خطرو پيش آيو۔”
بيان موجب، “شروعاتي شاهديون ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿيون ته هي آئي ايس آءِ ايس يعني داعش کان متاثر دهشتگرد حملو هو، جيڪا آسٽريليا ۾ نامزد دهشتگرد تنظيم آهي۔”
اربع ڏينهن داخل ڪيل عدالتي دستاويزن ۾ نويد اڪرم جو نالو ڄاڻايو ويو، جيڪو هن وقت به سڊني جي اسپتال ۾ سخت پوليس نگراني هيٺ آهي۔
تدفين جي شروعات
آچر واري حملي ۾ مارجي ويل يهودي متاثرين جي جنازن جي رسم ادائگي اربع ڏينهن شروع ٿي، جڏهن⁠ته ان ڳالهه تي ڪاوڙ به سامهون آئي ته هٿياربندن—جن مان هڪ کي اڳ ۾ انتهاپسندن سان لاڳاپن سبب جاچيو ويو هو—کي اهڙا طاقتور هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت ڪيئن ملي۔
نيو سائوٿ ويلز جي وزيراعليٰ ڪرس منس، جنهن صوبي ۾ اهو حملو ٿيو، اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پارليامينٽ 22 ڊسمبر تي ٻيهر اجلاس ڪندي ته جيئن “تڪڙا” سڌارا غور هيٺ آندا وڃن۔ انهن ۾ هڪ شخص وٽ رکيل هٿيارن جي انگ تي حد مقرر ڪرڻ ۽ ڪجهه قسمن جي شاٽ گنز تائين رسائي وڌيڪ ڏکي بڻائڻ جا قدم شامل هوندا۔

تبصرے بند ہیں۔