فيض حميد قومي ڏوهاري آهي، اهو سرڪاري وسيلن کي ذاتي مقصد لاءِ استعمال ڪندو هو: جاويد لطيف

لاهور: (اربع: 17 ڊسمبر 2025ع) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ميان جاويد لطيف فيض حميد کي قومي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو. نجي چينل جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾ ڳالهيون ڪندي ميان جاويد لطيف چيو ته فيض حميد سرڪار جي  انويسٽيگيشن سيل کي ذاتي مقصد جي لاءِ استعمال ڪندو هو.

هن چيو ته فيض حميد سرڪاري وسيلن جي استعمال سان ملڪ جي چئني ٿنڀن کي هلائي ڇڏيو هو. گهرو ۽ پرڏيهي پاليسيون ٻئي فيض حميد ئي ٺاهي رهيو هو.

(ن) ليگي اڳواڻ چيو ته مون کي به بغاوت جي الزام ۾ گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بنايو ويو ڇو ته جنرل فيض حميد منهنجون رڙيون ٻڌڻ چاهيون ٿي، هن چيو ته جيترو تشدد مون تي ٿيو جيڪڏهن ايترو تشدد ڪلڀوشن ياديو تي ٿئي ها ته اهو سمورا راز فاش ڪري ڇڏي ها.

ٻئي طرف پروگرام ۾ شامل ڪرنل انعام الرحيم ايڊووڪيٽ چيو ته گم ٿي ويل ماڻهن جو ذميوار به فيض حميد ئي آهي انهي جي باري ۾ به فيض حميد کان پڇڻ گهرجي. هن چيو ته فيض حميد صحافين کي به گم ڪندو هو انهي کان انهي بابت پڇڻ گهرجي اهوئي گم ٿي ويل ماڻهن جو ذميوار آهي.

تبصرے بند ہیں۔