اسلام آباد: گڏيل قومن ۾ پاڪستاني قونصلر گل قيصر سرواني ڀارت کي ٻن لفظن ۾ واضح پيغام ڏنو آهي ته ڪشمير ڀارت جو نه ڪڏهن هو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ٿيندو.
سيڪيورٽي ڪونسل ۾ خطاب جي دوران پاڪستاني قونصلر گل قيصر سرواني ڀارتي نمائندي جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيوته جمون، ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي کليل سرپرستي سان گڏوگڏ اهو ڀارت ئي آهي جنهن هر ڀيري پاڪستان جي خلاف جارحيت ڪئي. ڀارتي رياست جو اهو طرز عمل هڪ روگ ايڪٽر جي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو.
پاڪستاني قونصلر ٻڌايو ته شاهديون موجود آهن ته ڀارتي جي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ دهشتگرد گروپن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ لبريشن آرمي شامل آهن، جن پاڪستان ۾ مختلف حملا ڪيا آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف هر ڀيري جارحيت ڪئي آهي جيڪا عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
پاڪستاني قونصلر هڪ دفعو ٻيهر مطالبو ڪيو ته ڀارت رياستي سرپرستي ۾ ٿيل دهشتگردي کي بند ڪري. پاڪستاني نمائندي سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ڀارت جو بيان حقيقتن کي ڄاڻي واڻي ختم ڪرڻ ۽ هڪ عالمي معاهدي جي غلط ڀڃڪڙي جي برابر قرار ڏنو. هن واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڪنهن به شق ۾ هڪ طرفي معطلي يا ترميم جي اجازت ناهي ڏني وئي.
تبصرے بند ہیں۔