ڪراچي : ڪراچي ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، ڪراچي جي آئي آءِ چندريگر روڊ، لياري، صدر، ڪلفٽن، پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڊي ايڇ اي ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. ذريعن موجب، سائيٽ ايريا، ٽيپو سلطان روڊ، پهلوان ڳوٺ ۽ بحريا ٽائون ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلي جي مرڪز موجب، زلزلي جا جهٽڪا 12:51 تي محسوس ڪيا ويا.زلزلي کان پوءِ لياري نئون آباد جي عمارت جا رهواسي خوف ۾ ٻاهر نڪري آيا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. ريسڪيو عملدارن چيو ته زلزلي جي جهٽڪن سان عمارت کي ڪو به نقصان نه پهتو، ريسڪيو ٽيمون عمارت جو معائنو ڪري رهيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي وندر، حب، گڊاني ۽ سومياني علائقن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جي گهرائي 12 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز ڪراچي کان 87 ڪلوميٽر پري سومياني ۾ هو، ڪجھ ڪلاڪ اڳ، سبي ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ ريڪٽر اسڪيل تي 3.2 جي شدت جو زلزلو آيو. زلزلي جو مرڪز سبي کان 53 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ هو، زلزلي جي ڪري شروعاتي طور تي ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي اطلاع نه ملي.
تبصرے بند ہیں۔