اسلام آباد: حڪومت عوام کي وڌيڪ رليف ڏيندي ڊيزل کان پوءِ گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ 12 روپيه 32 پئسا في ليٽر سستو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ انهي جي نئين قيمت 180 روپيه 54 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 10 روپيه 51 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ لائٽ ڊيزل جي نئين قيمت 153 روپيه 26 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ياد رهي ته گذريل رات حڪومتي پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن جي منظوري ڏني جنهن کان پوءِ انهي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.
ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين ڪئي وئي آهي. پيٽرول جي في ليٽر قيمت کي برقرار جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 14 روپيه في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب تازي گهٽتائي کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 265 روپيه 65 پئسن تي پهچي وئي. جڏهن ته پيٽرول جي في ليٽر قيمت 263 روپيه 45 پئسن جي سطح تي برقرار آهي.
نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون اڄ کان ايندڙ 15 ڏينهن جي لاءِ لاڳو ٿينديون. عوامي حلقن حڪومت جي انهي فيصلي کي مهانگائي جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي طرف هڪ مثبت قدم قرار ڏنو آهي.
تبصرے بند ہیں۔