ڪراچي:ويسٽرن يونين انٽر پرينيورشپ بيس ڪيمپ 2025 ڪراچي ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ۾ شاگرد، فري لانسرَ، اسٽارٽ اَپ باني ۽ شروعاتي مرحلي جا ڪاروباري ماڻهو شامل هئا۔ هي ايونٽ ”مارڪ اپ ويلي“ پاران ”واٽسن انسٽيٽيوٽ“ جي تعاون سان منعقد ڪيو ويو، جڏهنته “وائيپر” جزوي طور تي جاءِ جي سهولت فراهم ڪئي۔ بيس ڪيمپ جو مقصد پاڪستاني نوجوانن کي عالمي معيار جا ڪاروبار ڪرڻ ۽ بين الاقوامي منڊي تائين پهچ حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ هئي۔ شرڪت ڪندڙن کي آمريڪي ڪاروباري توسيع، عالمي ٽيڪس ۽ مطابقت (Compliance)، سرحد پار مالي نظام، ۽ عالمي منڊي تائين پهچ بابت تفصيلي رهنمائي ڏني وئي۔

تقريب جي خاص مهمان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) جي ڊپٽي مينيجنگ ڊائريڪٽر، محترمه شاهپاره رضوي هئي، جنهن نوجوانن کي عالمي موقعا اختيار ڪرڻ، وڏو سوچي اڳتي وڌڻ ۽ سرحدن کان اڳتي ڏسڻ جي تلقين ڪئي۔
ايونٽ ۾ مختلف صنعتن جي ناليوارن اڳواڻن شرڪت ڪري خطاب ڪيو، جن ۾ شعيب ڀٽي (سي اي او، SAB Tech)، خوشنود آفتاب شيخ (سي اي او، Viper Technology)، هنس مسرور (صدر ۽ شريڪ باني، EYL)، سعد احمد تميمي (سي اي او، Advisor Advertising)، تحسين اسلام (سي اي او، DigitEMB)، ساره پراچا (سي اي او، Pracha Ventures)، سعد زبيري (باني، Lucky One Mall)، علي نثار (سي اي او، Markup Valley)، خديجه ارشاد (سينيئر بزنس ڊولپمينٽ مينيجر، Payoneer)، سندس سيف الله (باني، Brandwala ۽ Zonash Warraich Bridal Couture)، احسن لاکاڻي (ڊائريڪٽر ۽ اينڪرپرسن، Voice of Sindh) ۽ اظفر حسين (NIC ڪراچي شامل هئا۔
پنهنجي خطاب دوران، احسن لاکاڻي نهايت ئي متاثر ڪندڙ ۽ حوصلي مند ڳالهيون ڪيون۔ “Emotional Scheme” جي موضوع تي ڳالهائيندي هن چيو ته

گهڻو ڪري ماڻهو ٻين کي سندن مقصدن ۽ خوابن کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، جيڪو کين جذباتي طور ڪمزور ڪري ٿو۔ هن نوجوانن کي صلاح ڏني ته اهڙي دٻاءَ ۾ نه اچن، پاڻ تي ڀروسو رکن، رسڪ وٺن، ۽ پنهنجي منزل جي ڳولها ۾ همت نه هارين۔ سندس پيغام شرڪت ڪندڙن جي دلين ۾ لهي ويو۔

ايونٽ کي ويسٽرن يونين، واٽسن انسٽيٽيوٽ (آمريڪا)، مارڪ اپ والي، اسڪِل اَپ والي، وائيپر، Advisor Advertising، Voice of Sindh، LOUG، Emerging Young Leaders، پاڪستان اي ڪامرس ايسوسيئيشن، ۽ پاڪستان ايگزيڪٽو فورم جو سهڪار حاصل هو۔ منتظمين مطابق شرڪت ڪندڙن آمريڪا ۾ ڪاروبار قائم ڪرڻ، قانوني تقاضائن، ۽ سرحد پار ڪاروباري حڪمتِ عملين بابت بهتر نموني سان پِرايو۔

ايونٽ جي آرگنائيزر ۽ ويسٽرن يونين گلوبل فيلو، علي نثار پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني نوجوانن کي صحيح رهنمائي ۽ موقعا فراهم ڪيا وڃن، ته هو عالمي سطح تي وڏيون ڪاميابيون ماڻي سگهن ٿا ۽ بااثر ڪاروباري منصوبا تعمير ڪري سگهن ٿا۔ بيس ڪيمپ جو اختتام ان عزم سان ٿيو ته پاڪستان جي انٽرپرينيورشپ ايڪو سسٽم کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ۽ نوجوانن لاءِ عالمي موقعن جا نوان دروازا کوليا ويندا۔
تبصرے بند ہیں۔