ڪراچي : پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ 35 هين نيشنل گيمز جو افتتاح ڪيو.35 هين نيشنل گيمز ۾ اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم نيشنل گيمز جي مشعل روشن ڪئي ۽ جيولين ٿرو جو مظاهرو ڪيو.ڪراچي ۾ نيشنل گيمز جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي 18 سالن کان پوءِ نيشنل گيمز جي ميزباني ڪري رهيو آهي.هن چيو ته مان توهان سڀني کي ڪراچي ۾ ڀليڪار ڪريان ٿو، نيشنل گيمز جي ڪامياب ميزباني تي سڀني کي مبارڪون هجن، نوجوانن لاءِ هڪ مثبت ماحول فراهم ڪيو وڃي.ان کان اڳ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير نيشنل اسٽيڊيم پهتا، جتي سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر ۽ شرجيل ميمڻ بلاول ڀٽو جو استقبال ڪيو.
تبصرے بند ہیں۔