فوجي ڪارواين ۾ ڀارتي حمايت يافته 9 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد:  خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ فوج جي ٻن ڌار ڪارروائين جي دوران ڀارتي حمايت يافته تنظيم فتنته الخوارج سان تعلق رکندڙ 9 خوارج مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب ٽانڪ ڊسٽرڪت ۾ گذريل ڏينهن 5 ڊسمبر تي خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز هڪ انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي انجام ڏني. آپريشن جي دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي موثر انداز ۾ نشانو بنايو، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ 7 خوارج مارجي ويا.ٻئي انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي لکي مروت ڊسٽرڪٽ ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ وڌيڪ 2 خوارج سيڪيورٽي فورسز جي هٿان انجام تي پهتا. مارجي ويل ڀارتي حمايت يافته خوارج کان هٿيار ۽ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو جيڪي سيڪيورٽي فورسز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ معصوم شهرين جي خلاف ڪيترين ئي دهشتگردانه سرگرمين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي ڀارتي حمايت يافته خوارج کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو وزير محسن نقوي ٽانڪ ۽ لکي مروت ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنته الخوارج جي خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.صدر آصف علي زرداري 9 خوارج جي مارجي وڃڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي وقت تي موثر ڪارروائي جي تعريف ڪئي ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنائڻ تي فورسز جي حوصلي جي تعريف ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف فورسز جي تعريف ڪندي چيو ته سموري قوم دهشتگردي جي خلاف انهي جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به خيبرپختونخواهه ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي تعريف ڪئي ۽ پيشوارانه مهارت جي تعريف ڪئي. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي جرئت ۽ پروفيشنل ازم تي ناز آهي. خيبرپختونخواهه ۾ امن جي قيام لاءِ سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهي.

تبصرے بند ہیں۔